news
ميرپورماٿيلو

پي پي پي شهيد ڀٽو پاران مير مرتضيٰ ڀٽو جي قاتلن خلاف ميرپور ماٿيلو ۾ احتجاجي ڪيمپ لڳائي وئي

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: هادي بخش جلباڻي) ميرپورماٿيلو ۾ شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ميرپورماٿيلو پي پي پي شھيد ڀٽو طرفان ڀٽائي چوڪ تي احتجاج ڪيمپ لڳائي وئي، جنهن جي اڳواڻي جلال بوزدار، نثار بوزدار، ڪمال مھر، اڪرم ميتلو، فقير رمضان ڪلوڙ ۽ ٻين پُڻ ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا کي ٻڌايو ته  زرداري ليگ ئي مير مرتضيٰ ڀٽو جي قاتل آهي، جيڪا عوام جي دشمن آهي، هنن چيو ته مير مرتضيٰ جي قتل جا پيرا زرداري ليگ ڏانهن وڃن ٿا. اڳواڻن چيو ته مير مرتضيٰ ڀٽو جي قاتلن جي گرفتاري تائين خاموش نه ويهندا سون.

هنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ ٻين وسوارن کان مطالبو ڪيو ته مير مرتضي ڀٽو جا قاتل فوري طور گرفتار ڪري کين عبرتناڪ سزا ڏياري وڃي، ٻي صورت ۾ پوري ملڪ اندر سخت احتجاج ڪندا سون.