news
ڏوڪري

لاڙڪاڻو ڊويزن جي پرنسپالز جو اجلاس، چوڏهن سيپٽمبر تي ٿيندڙ يونيورسٽي جي امتحانن جو مڪمل طور تي بائيڪاٽ جو اعلان

ڏوڪري (رپورٽ: عبدالجبار ميمڻ) لاڙڪاڻو ڊويزن جي پرنسپال جو اجلاس گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پروفيسر الطاف حسين ابڙو جي اڳواڻي ۾ لاڙڪاڻو جي پرنسپلن جو اجلاس ٿي گذريو، جنهن ۾ ڊگري ڪاليج ميروخان جو پرنسپال امتياز چنو، ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻو جو پرنسپل امتياز لغاري، رتوديرو جو پرنسپال غلام محمد جوڻيجو، ڊگري ڪاليج ڏوڪري جو پرنسپال پروفيسر ذوالفقار علي تنيو، اجلاس پرنسپلن پاران امتحاني شاگردن ۽ شاگردياڻين جون سلپيون مڪمل نه اچڻ ۽ ڊيوٽين جو معاوضو نه ڏيڻ  ڪري مسئلا پيدا ٿين ٿا. جنهن ڪري 14 سيپٽمبر تي ٿيندڙ يونيورسٽي جي امتحانن جنهن ۾ ٿيندڙ يونيورسٽي جي اي ڊي ايز، بي سي ايس، اي ڊي اي، بي اي ۽ ايم اي جي ٿيندڙ امتحانن جو مڪمل طور تي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

ان سلسلي ۾ پرنسپال پروفيسر الطاف حسين ابڙو ٻڌايو ته هميشه جيان ٿيندڙ امتحانن جو معاوضو نٽو ڏنو وڃي، جڏهن ته هن وقت تائين ڪيترن ئي شاگردن ۽ شاگردياڻين جون سلپيون پڻ ناهن آيون.

هنن مطالبو ڪيو ته اسان کي رهيل سلپيون جاري ڪيون وڃن ۽ معاوضو ڏنو وڃي تيستائين اسان امتحان نه وٺنداسين.