news
بدين

بدين جي ڍنڍن ڍورن تي پرديسي پکين جي اچڻ کان پوءِ غيرقانوني شڪار شروع

بدين (رپورٽ: تنوير احمد) بدين ۽ آس پاس وارن علائقن ۾ پهرين سيميسٽر کان وقفي وقفي سان پوندڙ برسات ۾ ڍنڍون ڍورا ڀرجڻ ۽ لاڙ پٽ جون راتيون ٿڌيون ٿيڻ بعد سائبيريا کان نڪتل پرديسي پکين جي آمد شروع ٿي وئي، ضلعي جي مختلف ڍنڍن خاص ڪري لاڙ پٽ جي ۾ نريڙي جهٻو شڪور ڍنڍ توڙي زمينداري ڍنڍن تي پرديسي پکين جي آمد بعد غيرقانوني شڪار به شروع ٿي ويو.

ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي، بدين شهر جي پير ملوڪ شاهه ڪوٽ جي رهواسي چوپائي مال جي واڙي مالڪ ممتاز دل  بدين ڀرسان ڍنڍ مان بندوق سان پرديسي پکين جو غيرقانوني شڪار ڪرڻ بعد شڪار ۾ استعمال ڪيل بندوق شڪار ڪيل پکي جون تصويرون سوشل ميڊيا تي رکي وائرل ڪري ڇڏيون آهن، جنهن سبب جهنگلي جيوت سان پيار ڪندڙ حلقن ۾ ڪاوڙ ڇانيل آهي ۽ جهنگلي جيوت کاتي جي اعليٰ عملدارن کان مطالبو ڪيو ته آهي ته پکين جي غيرقانوني شڪار ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي.