جيڪب آباد ۾ نجي ٽي وي جي رپورٽر تي سي آءِ اي پوليس جي انچارج پاران تشدد، قلم ڌرڻين جو احتجاج

news

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي نجي ٽي وي چينل جي رپورٽر زين سرڪي تي سي آءِ اي پوليس جي انچارج علي حسن مھر ڪوريج دوران ڏمرجي ڪيمرا موبائيل فون ڦر ۽ تشدد جي خلاف ھڪ احتجاجي مظاهرو پريس ڪلب کان صدر بابو حيدر مگسي، پرويز ابڙو، زاھد رند، بخشڻ لھر، اظهر گل سرڪي، عبدالرحمٰن آفريدي، عبدالنبي مگسي، عبدالغني کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڍيو ويو.

مظاهرين ڊي سي ھائوس جي مک دروازي آڏو پھچي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.

ان موقعي تي صحافين خطاب ڪندي چيو ته صحافي زين سرڪي تي سي آءِ اي انچارج علي حسن مھر ۽ انهن جي تشدد جي مذمت ڪيون ٿا، رپورٽنگ جي دوران صحافي کان ڪئميرا ۽ موبائل فون ڦر ۽ تشدد ڪرڻ جيڪب آباد جي صحافت تي حملو آهي، انهن گهر ڪئي ته سي آءِ اي انچارج علي حسن مھر سميت ۽ ٻين اهلڪارن کي معطل ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي،  ٻي صورت ۾ سڀاڻي ايس ايس پي آفيس آڏو ضلعي جي صحافين سميت ڌرڻو هنيو ويندو.