news
ڄامشورو

ڄامشورو ۾ پريمي جوڙي جو تحفظ لاءِ احتجاج

ڄامشورو (رپورٽ: حيات ميراڻي) ٽنڊو آدم جي رهواسي پريمي جوڙي ناري فردوس خاصخيلي ۽ نوجوان ظهير عباس پنهور ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب پهچي صحافين اڳيان دانهيندي چيو آهي ته هنن 2 ڏينهن اڳ گهران نڪري پنهنجا رضا خوشيءَ سان حيدرآباد جي سيشن ڪورٽ ۾ نڪاح ڪيو آهي، جنهن بعد ناري جا وارث ڀاءُ عابد علي خاصخيلي، ڀيڻويو امتياز علي خاصخيلي سندن جي جان جا دشمن بڻجي ويا ۽ انهن نوجوان ظهير عباس پنهور ۽ ان جي مائٽن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آهن.

ناري فردوس خاصخيلي جو وڌيڪ چوڻ هو ته مون کي نه ڪنهن ورغلايو آهي ۽ نه ئي ڪنهن اغوا ڪيو آهي، منهنجي مڙس ظهير عباس پنهور ۽ ان جي مائٽن خلاف داخل ڪيل ڪيس ڪوڙا آهن.

هنن مطالبو ڪيو آهي ته سندن جي جان کي خطرو آهي، ڪوڙا ڪيس ختم ڪري کين تحفظ ڏنو وڃي.