news
ڄامشورو

ڄامشورو ۾ وڌندڙ بدامني تي ضابطو نه اچي سگھيو، پنجن گھرن مان سري عام ڦر جون ڪاروايون، مزاحمت تي ھڪ ڦورو سوگھو

ڄامشورو (رپورٽ: حيات ميراڻي) نااھل ايس ايس پي ڄامشورو جاويد بلوچ جي ناڪام ڪارڪردگي جي ڪري وڌندڙ بدامني تي ضابطو نه اچي سگھيو آھي، ڏينھن توڙي رات جو سري عام چورين ۽ ڦرن جي ڪري عوام سخت تڪليف ۾ آھي.

جڏهن ته رات دير سان مختلف گاڏين تي سوار نامعلوم ھٿياربند ڪالوني جي ۾ داخل ٿي سي ٽائپ ڪواٽرن ۾ غلام شبير عباسي، مشتاق قريشي، عباس سومرو، الھوڌايو سھتو ۽ ماما حبيب برفت جي گھرن اندر ھڪ ئي وقت داخل ٿي ڦر ڪرڻ جون ڪاروايون ڪري رھيا ھئا ته سيوا جي اڳواڻ سماجي شخصيت ماما حبيب الله برفت ۽ سندس پٽ نوجوان ھوش محمد برفت سجاڳ ٿي پيا ۽ ڦورن سان سخت مزاحمت ڪندي گھر ۾ داخل ٿيل ھڪ ڦورو کي سوگھو ڪري ورتو، مزاحمت ڪرڻ تي چور کي مارڪٽ ڪئي، جڏھن ته ڦورن طرفان پڻ مزاحمت ڪئي وئي ۽ ٻيا ڦورو فرار ٿي ويا. جنھن بعد سنڌ يونيورسٽي سيڪيورٽي عملو عملدارن ملازمن جي نمائيندا تنظيم سيوا صدر محمد علي گھانگھرو به ملازم اڳواڻ حبيب الله برفت جي گھر ھمدردي طور  پھچي ويا.

جڏهن ته اھڙو اطلاع ڄامشورو پوليس کي ڏنو ويو بعد ۾ چوڪي انچارج اياز ٻگھيو پھچي ھٿ ڪيل جوابدار کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي وٺي ويا.

ڄامشورو پوليس موجب گرفتار ڪيل جوابدار جي سڃاڻپ نواب خان ڀنگر طور ٿي آھي، جيڪو ڪوٽڙي جو رھواسي آھي، ڄامشورو پوليس گرفتار جوابدار کان ڦر ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو جوابدار طرفان پاڙي ۾ رھندڙ الھ وڌايو سھتي جي گھران ڦر ڪيل ٻه موبائيل فون پرس ھٿ ڪيا ويا آھن.

جڏھن ته فرار ٿيل اجي اوڏ، مختيار ڀنگر سميت ٽي جوابدارن خلاف سيوا اڳوڻي اڳواڻ حبيب الله برفت جي فرياد تي  ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.

ٻئي طرف سڄاڻ ڌرين ۽ متاثرن پاران ڄامشورو ۾ وڌندڙ بدامني تي سخت ڳڻتي جو اظھار ڪندي چيو آھي ته سڄي ڄامشوري ۾ بدامني جي باهه ڀڙڪي اٿي آھي، ايس ايس پي ڄامشورو نااھل آھي، جنھن جي نااھلي جي ڪري ڄامشوري ۾ بدامني ڦرون ۽ چوريون سري عام ٿي رھيون آھيون.

متاثرن چيو ته سنڌ يونيورسٽي جي ننڊستل ۽ غفلت ڪندڙ چوڪيدارن ۽ عملدارن  خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.