اسلام آباد ۾ ڪورونا کان بچاءُ لاءِ پنجاهه سيڪڙو آبادي جي ويڪسينيشن مڪمل

news

اسلام آباد: (آچر 12 سيپٽمبر 2021ع) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر(اين سي او سي) جي سربراهه اسد عمر چيو آهي ته اسلام آباد ۾ 50 سيڪڙو آبادي جي ويڪسينيشن مڪمل ٿي وئي آهي.

وفاقي وزير ۽ اين سي او سي جي سربراهه اسد عمر سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي لکيو آهي ته وفاقي گادي واري شهر جي 71 سيڪڙو آبادي کي پهريون ڊوز لڳايو ويو آهي.

هن چيو ته اسلام آباد اڌ آبادي جي ويڪسينيشن مڪمل ڪندڙ ملڪ جو پهريون شهر آهي. ٻئي طرف گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪستان ۾ عالمي وبا ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 58 مريض فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ ڪورونا سبب فوت ٿي ويلن جو انگ 26 هزار 720 ٿي ويو آهي.