news
لاھور

ڪنٽونمنٽ بورڊ چونڊون: سڄي ملڪ ۾ تحريڪ انصاف سٺ سيٽون کٽي پهرين پوزيشن ماڻي ورتي

لاهور: (سومر 13 سيپٽمبر 2021ع) ڪنٽونمينٽ بورڊز جي چونڊن ۾ تحريڪ انصاف هڪ سيٽ جي برتري سان 60 سيٽون ماڻي ورتيون. لاهور، راولپنڊي سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ مسلم ليگ(ن) ميدان ماري ورتو.

ملتان ۾ حڪمران پارٽي کي اپ سيٽ شڪست ٿي، ڪراچي ۾ تحريڪ انصاف جي اميدوارن ڪاميابي ماڻي، آزاد اميدوارن به 50 کان مٿي سيٽون حاصل ڪيون. سمورن 212 وارڊز جي غير سرڪاري، غير حتمي نتيجن موجب تحريڪ انصاف 60 سيٽن تي ڪامياب، (ن) ليگ 59، آزاد اميدوار 55 سيٽن تي فاتح، پيپلز پارٽي 17، ايم ڪيو ايم 10 ۽ جماعت اسلامي 7 سيٽون حاصل ڪري سگهي، عوامي نيشنل پارٽي ۽ بلوچستان عوامي پارٽي 2-2 سيٽون ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿيا.

لاهور ۾ (ن) ليگ واضح اڪثريت سان  ميدان ماري ورتو. لاهور ۾ ڪنٽونمينٽ جي 10 سيٽن مان 6 نواز ليگ کٽي وئي، 3 سيٽون تحريڪ انصاف، هڪ  آزاد اميدوار کٽي. والٽن ڪينٽ ۾ نواز ليگ ڪلين سوئپ ڪيو. هڪ سيٽ تي اميدوار جي لاڏاڻي سبب چونڊ نه ٿي سگهي. راولپنڊي ۾ نواز ليگ 9 مان 7 سيٽن تي ڪامياب ٿي. سنڌ ۾ ڪنٽونمينٽ بورڊز جي چونڊن جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن  موجب ڪراچي فيصل ڪنٽونمينٽ ۾ 3 سيٽن سان تحريڪ انصاف ڪاميابي حاصل ڪئي. جماعت اسلامي کي هڪ سيٽ ملي،  هڪ آزاد اميدوار کٽي ويو. ملير ڪينٽ ۾ به تحريڪ چار سيٽن سان فاتح رهي، پيپلز پارٽي ۽ جماعت اسلامي 2-2 سيٽون کٽيون، هڪ آزاد اميدوار ڪامياب رهيو.

ڪراچي ڪينٽ ۾ 2 سيٽون ايم ڪيو ايم، 2 آزاد اميدوارن جي نالي رهيون. ڪورنگي ڪنٽونمينٽ جي 5 مان 2 سيٽون(ن) ليگ کٽي وئي. تحريڪ انصاف، پ پ ۽ ايم ڪيو ايم کي هڪ هڪ سيٽ ملي. منوڙه ڪنٽونمينٽ جون 2 سيٽون پيپلز پارٽي کٽي وئي. حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم 7 سيٽن سان ڪاميابي ماڻي، 3 سيٽون پيپلز پارٽي جي نالي رهيون. پنوعاقل جي هڪ سيٽ آزاد اميدوار کٽي ويو.

پشاور ۾ به حڪومتي پارٽي کي وڏو جهٽڪو، تحريڪ انصاف کي صرف هڪ سيٽ ملي سگهي. پيپلز پارٽي 2 سيٽون کٽي وئي. اي اين پي ۽ آزاد اميدوار جي حصي ۾ هڪ هڪ سيٽ آئي. ڪوئٽه جي پنج سيٽن مان 3 تي آزاد اميدوار، 2 تي تحريڪ انصاف ڪامياب رهي. زوب ڪنٽونمينٽ جي ٻن وارڊز تي بلوچستان عوامي پارٽي فاتح رهي. لورالائي ۾ ٻئي سيٽون آزاد اميدوار کٽي ويا. سموري ملڪ جي 219 سيٽن مان 7 تي اميدوار بنا مقابلي کٽي ويا.