ڪنٽونمينٽ بورڊ چونڊن ۾ (ن) ليگ جي ڪاميابي نئين صبح جي شروعات آهي: شهباز شريف

news

لاهور: (سومر 13 سيپٽمبر 2021ع)   پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽  اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته ڪنٽونمينٽ بورڊ چونڊن ۾  سموري ملڪ مان مسلم ليگ(ن) جي ڪاميابي هڪ نئين صبح جي شروعات آهي.

(ن) ليگ اڳواڻ شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته خاص طور تي پنجاب مان چونڊ نتيجا پارٽي جي پنجاب ۾ عوامي خدمتن جو نتيجو آهي. هن ڪاميابي تي عوام جا ٿورائتا آهيون. عوام ووٽ جي طاقت سان  نالائقن جي بدترين ڪارڪردگي کي رد ڪيو آهي.

هن چيو ته چونڊن ۾ جيڪا ڪاميابي ملي آهي اها عوام جو مسلم ليگ(ن) مٿان ڀروسو ۽ يقين جو ثبوت آهي. هن چيو ته اسان يقين ڏياريون ٿا ته عوام کي مايوس نه ڪنداسين ۽ انهن جي پريشانين ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏينداسين. شهباز شريف چيو ته ڪنٽونمينٽ بورڊ جي چونڊن ۾ (ن) ليگ مٿان پنهنجي ووٽ جي ذريعي اعتماد جو اظهار ڪرڻ تي عوام جو ٿورو ادا ڪريون ٿا.