news
ڪراچي

ڪراچي: اڳوڻي مڙس پاران تيزاب حملي ۾ زخمي ٿيندڙ اوڻيهه سالا ٽڪ ٽاڪر رمشا فوت

ڪراچي: (سومر 13 سيپٽمبر 2021ع) ڪراچي جي علائقي بلديه ٽائون ۾ اڳوڻي مڙس جي هٿان تيزاب حملي  ۾ زخمي ٿيل ٽڪ ٽاڪر ناري علاج دوران اسپتال ۾ فوت ٿي وئي.

پوليس موجب بلديه ٽائون جي علائقي سعيدآباد ۾ گذريل مهيني تيزاب حملي ۾ زخمي ٿيندڙ عورت سول اسپتال جي برنس وارڊ ۾ علاج دوران فوت ٿي وئي. 21 ساله مقتوله رمشا تي ان جي  اڳوڻي مڙس ذيشان تيزاب اڇليو هو. مقتوله 23 ڏينهن سول اسپتال ۾ علاج هيٺ رهي. جوابدار ذيشان واردات کان پوءِ فرار ٿي ويو هو جنهن کي بعد ۾ پوليس گرفتار ڪري ورتو هو.

رمشا ۽ جوابدار ذيشان ٽڪ ٽاڪر به هئا. واقعي جو ڪيس مقتوله جي ئي مدعيت ۾ سعيدآباد ٿاڻي ۾ داخل ٿيل آهي. مقتوله جي والد چيو آهي ته ذيشان سان رمشا 2 سال اڳ ڪورٽ ميرج ڪئي هئي پر گذريل سال ذيشان کيس زباني طلاق ڏني هئي جنهن کان پوءِ رمشا پنهنجي والدين جي گهر اچي وئي هئي. طلاق کان پوءِ جوابدار ذيشان رمشا کي حراسان ڪندو رهيو ۽ پوءِ هڪ ڏينهن ان مٿان تيزاب سان حملو ڪيو هو.