ميڊيا اٿارٽي بل خلاف صحافين جو احتجاج ٻئي ڏينهن به جاري، بلاول ڀٽو ۽ ٻين اڳواڻن پاران يڪجهتي جو اظهار

news

اسلام آباد: (سومر 13 سيپٽمبر 2021ع) وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ حڪومتي ميڊيا اٿارٽي بل خلاف صحافي پارليامينٽ جي سامهون احتجاج ڪري رهيا آهن. ڌرڻي ۾  ڪيترائي صحافي شريڪ آهن ۽ سياسي اڳواڻ به يڪجهتي جي اظهار لاءِ اچي رهيا آهن.

پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو به ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي. هن صحافين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته صحافين جو آواز دٻائڻ جي لاءِ اهڙو ڪارو قانون آندو ويو آهي. مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ احسن اقبال به صحافين جي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪري يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن ميڊيا اٿارٽي بل جي مذمت ڪندي چيو ته ميڊيا جي آواز دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته پاڪستان ۾ هر آئيني اداري کي غير موثر ڪيو پيو وڃي. آرڊيننس جي ذريعي ميڊيا مٿان حملو ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته پي ايم ڊي اي جو ميڊيا سان ملي رستو روڪينداسين. پي ايم ڊي اي حڪومت جو رد ٿيل ڪارو قانون آهي.

پ پ جي سينيٽر شيري رحمان  احتجاج ۾ شرڪت دوران چيو ته حڪومت تڪراري ميڊيا اٿارٽي بل کي قائم ڪرڻ تي بضد آهي. اٿارٽي بابت قانوني مسودو اڃان تائين پارليامينٽ کي نه ڏنو ويو آهي ۽ نه ئي صحافين تنظيمن کي ڏنو ويو آهي. اٿارٽي ۾ اهڙو ڇا آهي جو حڪومت پارليامينٽ ۽ صحافين کان لڪائي رهي آهي؟ پي ايم ڊي اي ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ جو آمراڻو فيصلو آهي. ميڊيا ڊوالپمينٽ اٿارٽي حڪومت جي سازش آهي جيڪا ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. جيڪڏهن حڪومت جي دل ۾ چور نه آهي ته هو قانوني  مسودو پيش ڪري.