news
لاھور

ميٿيو هيڊن ۽ ورنون فلينڊر ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم جا ڪوچ مقرر

لاهور: (سومر 13 سيپٽمبر 2021ع) نئين چونڊيل پي سي بي چيئرمين رميز راجا ميٿيو هيڊن ۽ ورنون فلينڊر کي ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جو ڪوچ مقرر ڪري ڇڏيو آهي.

لاهور ۾ پي سي بي  چيئرمين جو عهدو سنڀالڻ کان پوءِ پنهنجي پهرين ڪانفرنس ۾ رميز راجا چيو ته مصباح الحق ۽ وقار يونس محنت ۽ ايمانداري سان ڪم ڪيو انهن جي استتعيفيٰ ڏيڻ ۾ منهنجو ڪوبه ڪردار نه هو. هن  چيو ته اسان کي ڊنل پاڪستاني ٽيم کي دلير ڪرڻو آهي.

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي لاءِ بهترين ٽيم چونڊ ڪئي وئي آهي. ميگا ايونٽ ۾ ميٿيو هيڊن ۽ ورنون فلينڊر پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جا ڪوچ هوندا. اميد آهي ته ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ اهي ٻئي ڪوچ ٽيم کي جارحانه حڪمت عملي اپنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.