news
اسلام آباد

وزيراعظم چيني ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ هر ممڪن سهڪار جو يقين ڏياري ڇڏيو

اسلام آباد: (سومر 13 سيپٽمبر 2021ع) وزيراعظم عمران خان چيني ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ هر ممڪن سهڪار جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي. 

وزيراعظم هائوس طرفان سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عمران خان سان چيني ڪمپني جي اڳواڻن جي وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ چيني سفير نونگ رانگ به موجود هو. بيان موجب وفاقي وزير حماد اظهر، شوڪت ترين، اسد عمر ۽ عبدالرزاق دائود سميت ٻيا به ملاقات ۾ موجود هئا. حڪومت پاران جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته چيني وفد پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسين جي تعريف ڪئي ۽ سرمائيڪاري جي لاءِ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو.

ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪومت ايز آف ڊوٽنگ بزنس جي پاليسي تي عمل ڪري رهي آهي. سيڙپڪارن کي مراعتون ڏنيون پيون وڃن ۽ انتظامي معاملن کي آسان بنايو پيو وڃي. اجلاس دوران وزيراعظم عمران خان سمورا مسئلا اوليت جي بنياد تي حل ڪرڻ جي لاءِ چيني وفد کي ماهوار اجلاس ڪرڻ جو به يقين ڏياري ڇڏيو آهي.

وزيراعظم چيو ته پاڪستان چين کان صنعتي شعبي جي ترقي ۾ گهڻو ڪجهه سکي سگهي ٿو. چيني سيڙپڪاري سان پاڪستان ۾ روزگار جا موقعا وڌندا. هن چيو ته پاڪستان ۾ وچولي ۽ ننڍي صنعت جي ترقي جا وڏا موقعا موجود آهن. چيني ڪمپنيون پاڪستان ۾ وچولي ۽ ننڍي صنعت ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. اسان کين هر ممڪن سهوليت ڏينداسين.