news
اسلام آباد

پارليامنيٽ جو گڏيل اجلاس: صدر جي خطاب دوران اپوزيشن پاران احتجاج، واڪ آئوٽ

اسلام آباد: (سومر 13 سيپٽمبر 2021ع) اپوزيشن جا ميمبر پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي صدر جي خطاب دوران ئي واڪ آئوٽ ڪري ويا.پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان، مخالف ڌر جو اڳواڻ شهباز شريف، شاهد خاقان عباسي، چئني صوبن جا گورنر ۽ وڏا وزير به موجود هئا.

ان کان علاوه آزاد ڪشمير جو صدر، سروس چيفس ۽ مختلف ملڪن جا سفير به مهمانن جي  گيلري ۾ موجود هئا. صدر عارف علوي جي گڏيل اجلاس جي شروعات کان ئي اپوزيشن ميمبرن ايوان ۾ گوڙ شروع ڪري ڏنو ۽ سخت احتجاج ڪيو. اپوزيشن جي سخت احتجاج سبب صدر ٻه ڀيرا پاڻي پيئندي چيو ته مون کي شروع کان ئي زور سان ڳالهائڻو پيو.

صدر جي خطاب دوران اپوزيشن ميمبرن لاڳيتو نعريبازي ڪئي ۽ اسپيڪر جي ڊائس سامهون جمع ٿي ويا. اپوزيشن ميمبرن پلي ڪارڊ کڻي رکيا هئا جنهن تي آزاد ميڊيا تي حملو نامنظور، غريب عوام جو معاشي قتل بند ڪريو، ميڊيا تي مارشل لا رد ۽ پي ايم ڊي اي کي رد ڪرڻ بابت نعرا لکيل هئا. ان کان پوءِ اپوزيشن ميمبر صدر جي خطاب دوران ئي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا.