گھوٽڪي ضلعي اندر صحت جي سھولتن جي اڻھوند خلاف ايس ٽي پي ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن جو احتجاج

news

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: هادي بخش جلباڻي) گھوٽڪي ضلعي اندر صحت جي سھولتن جي اڻھوند خلاف ايس ٽي پي جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ڪارڪنن جو ڊي ايڇ او گھوٽڪي جي آفيس آڏو احتجاجي مظاھرو ڌرڻو.

ميرپورماٿيلو ۾ ڊي ايڇ او گهوٽڪي اڳيان ايس ٽي پي جي وائيس چئيرمين ڄام عبدالفتح سميجو، فڪشنل ليگ ميرپورماٿيلو جي صدر اعجاز نائچ، سنڌي ادبي سنگت گهوٽڪي جي سيڪريٽري فدا ملڪ، زاهد ميراڻي، علي نواز جلباڻي سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

جنهن ۾ انهن ڳالهائيندي چيو ته گهوٽڪي ضلعي جو اسپتالون غير فائل ٿي ويون آهن. هتان جي عوام کي ڪوبه علاج فراهم نٿو ڪيو وڃي، هتان جي ڪروڙين روپيا پچيٽ سرڪاري ڪامورن معرفت هڙپ ڪئي ٿي وڃي. اسان ڪجھ ڏينهن اڳ ڏھرڪي اسپتال اڳيان هڪ هفتي تائين بک هڙتالي ڪئمپ لڳائي هئي پر اتي ڪو به سرڪاري عملدار يا چونڊيل نمائنده اچڻ جي زحمت نه ڪئي آهي. اڄ اسان جو هي ڌرڻو صرف چونڊيل نمائندن ۽ هتان جي سرڪاري ڪامورن کي پيغام ڏيڻ هيو. هن کان پوءِ ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو هڻي انهن کي پيغام ڏينداسين ته اسان پنهنجو حق وٺڻ ڄاڻون ٿا.