news
ميرپورماٿيلو

ايف ايف سي ڀاڻ فيڪٽري جي پورھيتن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

ميرپورماٿيلو (رپورٽ: هادي بخش جلباڻي) ميرپورماٿيلو ۾ ايف ايف سي ڀاڻ فيڪٽري جي پورھيتن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ مسلسل احتجاج ڪرڻ کان پوءِ ايف ايف سي انتظاميه توڙي ٺيڪيدار پورهيتن مٿان ڏمرجي پيا آهن.

جڏهن ته ايف ايف سي انتظاميه توڙي ٺيڪيدار جي واٺن پاران لڳل ڪيمپ مٿان انڌاڌند فائرنگ ڪئي وئي آهي، جنهن سبب پورهيت مير محمد گڏاڻي معجزاڻي طور بچي ويو آهي.

هوڏانهن فيڪٽري جي پورهيتن پاران ميان رفيق ۽ فيڪٽري جي آر ايم مٿان فائرنگ ڪرائڻ جو الزام هنيو ويو آهي.

ان سلسلي ۾ پورھيت اڳواڻن پاران پير آف ڀرچونڊي ميان رفيق ۽ ايف ايف سي ڀاڻ فيڪٽري جي آر ايم سليم چيمه مٿان فائرنگ ڪرائڻ جا الزام لڳائيندي پورهيت اڳواڻ موج علي سميجو، گل محمد ڀٽو، اخلاق لاشاري، محمد امين امهر، الھڏنو مهر، مور خان سميجو چيو ته ايف ايف سي ڀاڻ فيڪٽري جي انتظاميا پاران ميان رفيق کي ٺيڪو ڏنو آھي ھو ايف ايف سي ڀاڻ فيڪٽري ۾ ٺيڪيدار آھي، اسان پاران پنھنجا حق گھرڻ لاءِ احتجاج ڪرڻ تي ميان رفيق ۽ آر ايم سليم چيمه اسان مٿان ان ڪري فائرنگ ڪرائي آھي ته جيئن پورھيت احتجاج نه ڪن پورھيتن جو چوڻ آھي ته احتجاج اسان جو حق آھي، جيڪو ايستائين جاري رھندو جيستائين اسان جا جائز مطالبا پورا نه ٿيندا.

هوڏانهن ايف ايف سي ڀاڻ فيڪٽري جي پي آر او شوڪت سميجو سان رابطو ڪيو ويو ته هن ٻڌايو ته ٺيڪيدار ۽ پورهيتن جو پاڻ ۾ مسئلو هلندڙ آهي، باقي پورهيت جيڪي ايف ايف سي انتظاميه مٿان الزام هڻي رهيا آهن، اهي بي بنياد ۽ من گهڙت آهن.