ڪراچي ڀرسان يوسف عارفاڻي ڳوٺ مان مزودورن جي حقن ۽ مقامي ماڻھن کي ڪمپنين ۾ روزگار نه ڏيڻ خلاف احتجاج

news

ڪراچي (رپورٽ: نبي بخش خاصخيلي) قومي عوامي تحريڪ ملير جي طرفان ڀينس ڪالوني موڙ ڀرسان يوسف عارفاڻي ڳوٺ مان مزودورن جي حقن ۽ مقامي ماڻھن کي ڪمپنين ۾ روزگار نه ڏيڻ خلاف ضلعي صدر ڪاشف خاصخيلي، ساجد عارفاڻي، سينگار بليدي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ملير ۾ ھزارين ڪمپنيون آھن، جن مان ڪروڙين اربين رپيا ڪمايا وڃن ٿا پر بدقسمتي ۽ تعصب پرستي جي بنياد تي ملير جي مقامي ماڻھن کي روزگار نٿو ڏنو وڃي، امير ملير جي ماڻھن لاءِ فيڪٽرين ۾ ٻٽو معيار رکي ڪري انھن جي لاءِ روزگار جا دروازا بند ڪيا ويا آھن، اسين اعليٰ اختيارن کان مطالبو ٿا ڪيون ته ملير جي فيڪٽرين ۾ مڪامي ماڻھن کي روزگار ڏنو وڃي ۽ جيڪي ماڻھون فيڪٽرين ۾ ڪم ڪري رھيا آھن، انھن کي سھولتون ڏنيون وڃن ۽ ٺيڪيداري نظام ختم ڪري مستقل بنياد تي مزدورن کي رکيو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ قومي عوامي تحريڪ عدالتن سميت ٻيا قانوني رستا استعمال ڪندي مزدورن جي حقن جي حاصلات تائين جدوجھد جاري رکندي.