ڪراچي سچل ڳوٺ جي شهيد بينظير ڀٽو لائبريري ۾ ثقافت کاتي ۽ سنڌ حڪومت پاران صوفياڻي شام ملهائي وئي

news

ڪراچي (رپورٽ: نبي بخش خاصخيلي) ڪراچي سچل ڳوٺ جي شهيد بينظير ڀٽو لائبريري ۾ ثقافت کاتي ۽ سنڌ حڪومت پاران صوفياڻي شام ملهائي وئي. محفل جي صدارت ڊي جي ثقافت عبدالعليم لاشاري سماج سڌارڪ اقبال حسين چنا ۽ ٻين ڪئي، صوفياڻي رانگ رنگ جي محفل ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي.

صوفياڻي راڳ رنگ جي محفل ۾ سنڌ جي نالي واري صوفي فنڪارن سيد وزير علي شاهه سنڌ جي سرموڙ صوفي فنڪارهه خوشبو لغاري، ڀورل لال سميت ٻين فنڪارن صوفي ڪلام ڳائي ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو.

ان موقعي تي ڊي جي ثقافت عبدالعليم لاشاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي صوفي شاعرن هميشه امن ۽ محبت جو درس ڏنو آهي، اسان جي سنڌ ڌرتي امن ۽ محبت ڪندڙ ڌرتي آهي، ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري ماڻهن ۾ جيڪو خوف پيدا ٿيل ھيو ان کي ثقافت کاتي پاران اھڙيون محفلون منعقد ڪرائي عوام ۾ ڪورونا ڀوءُ کي ختم ڪرڻ لاءِ اھڙي قسم جون محفلون منعقد ڪرائينداسين.سچل ڳوٺ جي هن پروگرام ۾ ماڻهن جيشرڪت ڏسي اسان کي يقين ٿيو آهي ته سنڌ جو ماڻهو پنهنجي عظيم ثقافت سان محبت ڪري ٿو. ثقافت کاتي جي ڪوشش هوندي ته وڌ کان وڌ اهڙي قسم جا پروگرام سڄي سنڌ ۾ ڪري پنهنجي ماروئڙن کي تفريح مھيا ڪنداسين.

صوفياڻي محفل ۾ ناليوارن اديب دانشورن، شاعرن، سماجي شخصيتن، معزز شھرين ڊاڪٽر شير مھراڻوي، سليمان آڱرو، علي اڪبر مغيري، وھاب سومرو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.