ڪراچي: آبپاشي واري کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شورو اڄ سانگھڙ ضلعي ۾ منڊ جمڙائو ۽ چوٽياري ڊيم جو دورو ڪري پاڻي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو آهي. ان موقعي تي آبپاشي کاتي واري صوبائي وزير کاتي جي واسطيدار عملدارن کان پاڻي صورتحال بابت تفصيلي بريفنگ پڻ ورتي.
صوبائي وزير ڄام خان شورو طرفان لاڳاپيل عملدارن کي رانٽو ڪينال ۾ وڌ کان وڌ پاڻي ڇڏڻ جي ھدايتون جاري ڪيون ۽ چيو ته رانٽو ڪينال ۾ وڌ کان وڌ پاڻي ڇڏيو وڃي ته جيئن چوٽياري ڊيم مڪمل طور ڀرجي وڃي. ھن عملدارن کي ھدايتون ڪيون ته چوٽياري ڊيم کي ڀرڻ سان گڏ آبادگارن کي ربيع سيزن لاءِ پاڻي فراھمي کي به يقيني بڻايو وڃي.
ھن چيو ته جمڙائو وٽ 1896ع ۾ تعمير ڪيل آبپاشي کاتي جي بنگلي جي مرمت پڻ ڪئي وڃي. ان کان بعد صوبائي وزير آبپاشي کاتو ڄام خان شورو ضلعي سانگھڙ جي چوٽياري ڊيم جو پڻ دورو ڪري پاڻي جي صورتحال جو تفصيلي بريفنگ ورتي.
هوڏانهن دوري دوران ايم ڊي سيڊا پريتم داسٰ، ڊائريڪٽر نارا ڪينال غلام مصطفيٰ ڌامراهه ۽ ٻين صوبائي وزير کي بريفنگ پڻ ڏني.