شھدادپور (رپورٽ: سيفل عباس ساند) شھدادپور لڳ تعلقه ٿاڻي ٽنڊوآدم جي حد اندر لانڍي لڳ ڳوٺ شاھد ٿھيم ۾ ٻه سال اڳ نوجوان عصمت ٿھيم سان پسند جو پرڻو ڪندڙ حيدرآباد جي نوجوان ناري تسليم سوھو جو مبينا طور گھر مان ڦاھو کاڌل لاش کي وارث سمس اسپتال شھدادپور کڻائي آيا، جتي وارثن ميڊيا کي فوٽيج وغيرهه ٺاھڻ نه ڏنا نه ئي اڃا تائين لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ ڏنو آھي، وارث پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪاري بڻيل آھن ۽ پوسٽ مارٽم نه ٿيڻ ڪري ڪيترن ئي ڪلاڪن کان ناري جو لاش سمس اسپتال ۾ پيل آھن، پوليس پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بنا ناري جو لاش وارثن کي کڻڻ نه ڏنو، پوليس ناري جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد ئي لاش کڻي وڃڻ تي بضد بڻيل آھي.
جڏهن ته وارثن جو چوڻ ھو ته حيدرآباد جي رھواسي امام بخش سوھو جي ڌي تسليم سوھو ٻه سال اڳ گھران نڪري عصمت ٿھيم سان پسند جو پرڻو ڪيو ھو، مڙس عصمت پنھنجي ڀاڄائي جي ڊليوري ڪرائڻ لاءِ ڀاڄائي کي اسپتال کڻائي ويو، جنھن تان ھن ڪاوڙجي ڦاھو کائي آپگھات ڪري ڇڏي آھي. اسان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ نه ٿا چاھيون. ٻي طرف ناري جو لاش ڪيترن ئي ڪلاڪن کان اڃا تائين سمس اسپتال شھدادپور ۾ پيل آھي.
هوڏانهن پوليس جو چوڻ ھو ته ناري جي ڦاھو کاڌل لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد ئي لاش وارثن حوالي ڪيو ويندو پر وارث پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪاري بڻجي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ نه پيا ڏين.