شهدادپور پوليس اغوا ٿيل ناري صاحبه کي بازياب ڪرائي روتو، عدالت ۾ پيش

news

شهدادپور (رپورٽ: سيفل عباس ساند) شهدادپور شھر جي شاهه لطيف ڪالوني مان 3 هفتا اڳ مبينا طور اغوا ٿيل 12 سالا ناري صاحبه کي شهدادپور پوليس بازياب ڪرائي سول جج شهدادپور جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي ناري پاران کيس اغوا ڪرڻ جو موقف اختيار ڪرڻ بعد کيس ڪورٽ سڳوري جي حڪم تي ميڊيڪل چڪاس لاءِ سمس اسپتال شھدادپور نيو ويو آهي.

واضع رهي ته شهدادپور ٿاڻي تي صاحب ولد خميسو زرداري ڪيس داخل ڪرايو هو ته سندس ڌي کي اسڪول ويندي هٿيار جي زور تي ۽ ذوالفقار زرداري اغوا ڪري ويا آهن، پوليس ناري کي بازياب ڪرائڻ بعد وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.