جاتي (رپورٽ: شڪيل احمد) جاتي لڳ يونين ڪائونسل ڪوٺي جي ڳوٺ گل حسن ٿهيم ۾ 5 سالن جي ٻارڙي پاڻي ۾ ٻڏي وئي، جنهن سبب مائٽن بي هوشي واري حالت ۾ تعلقه اسپتال جاتي آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن جي غفلت سبب 5 سالا نينگري فهميدهه ڌيءَ جمن ٿهيم تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي.
جڏهن ته وارثن ڊاڪٽرن مٿان الزام هڻندي چيو ته ڊاڪٽرن جي غفلت سبب اسان جي معصوم ننگري فوت ٿي وئي آهي. آخر نينگري جي ميت کي گهر پهچائڻ لاءِ اسپتال انتظاميه ايمبولينس به نه ڏني آهي.
هنن وڌيڪ چيو اسان جي غربت سبب ايمبولنس نه ملڻ ڪري لاش مجبور ٿي موٽرسائيڪل تي کڻي وڃي رهيا آهيون.