news
ڪراچي

گرفتاري جو خوف، ٽارگيٽ ڪلر پاڻ کي گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو

ڪراچي: (اڱارو 14 سيپٽمبر 2021ع) ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون منصور نگر ۾ انتهائي  گهربل ٽارگيٽ ڪلر شاهين بهاري گرفتاري جي ڊپ کان آپگهات ڪري ڇڏيو. پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته ٽارگيٽ ڪلر شاهين بهاري گرفتاري جي ڊپ کان آپگهات ڪيو آهي. 

رپورٽ موجب ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون منصور نگر ۾ فائرنگ جو واقعو پيش آيو. مارجي ويل شخص جي سڃاڻپ ٽارگيٽ ڪلر شاهين بهاري جي نالي سان ڪئي وئي آهي. ايس ايس پي ويسٽ سهائي عزيز چيو آهي ته ٽارگيٽ ڪلر شاهين بهاري گرفتاري جي ڊپ کان آپگهات ڪيو آهي. پوليس کي واقعي واري هنڌان هڪ پستول ۽ آپگهات کان اڳ لکيل خط به مليو آهي. پوليس موجب خط ۾ شاهين بهاري لکيو آهي ته مان پوليس جي ڇاپن کان پريشان ۽ تنگ ٿي آپگهات ڪري رهيو آهيان.

ايس ايس پي ويسٽ موجب شاهين بهاري پنهنجي ساٿي آصف بهيا سان گڏ 28 آگسٽ تي اورنگي ۾ ئي هوٽل اندر فائرنگ ڪري اي ايس آءِ اڪرم خان کي شهيد ڪيو هو. شاهين بهاري خط ۾ لکيو ته جنهن پستول سان اي ايس آءِ کي شهيد ڪيو  اهو پستول اڇلي ڇڏيو هو ٻئي پستول سان آپگهات ڪري رهيو آهيان. سهائي عزيز موجب  گذريل ڏينهن جوابدار جي ساٿي آصف بهايا کي رينجرز ۽ پوليس گرفتار ڪيو هو. واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ شاهين بهاري نظر اچي رهيو هو.