news
اسلام آباد

سورنهن سيپٽمبر کان پنجاهه سيڪڙو حاضري سان تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان

اسلام آباد: (اڱارو 14 سيپٽمبر 2021ع) وفاقي سرڪار 16 سيپٽمبر کان 50 سيڪڙو حاضري سان گڏ تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اسد عمر چيو آهي ته ڪورونا جي چوٿين لهر ۾ لاڳيتو گهٽتائي اچي رهي آهي. 50 سيڪڙو مسافرن سان پبلڪ ٽرانسپورٽ به کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته خميس کان تعليمي ادارا به کوليا ويندا. ان حوالي سان اين سي او سي(نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر) اسد عمر نيوز ڪانفرنس ڪندي چيو ته 24 مان 10 ضلعن ۾ ڪورونا صورتحال ۾ بهتري آئي آهي. 6 ضلعن ۾ 22 سيپٽمبر تائين بندشون قائم رهنديون. ان ضلعن ۾ لاهور، فيصل آباد، ملتان، سرگودها، گجرات ۽ بنون شامل آهن. هن چيو ته پارڪ ۽ جم مڪمل ويڪسينيٽيڊ ماڻهن لاءِ کوليا ويندا. آئوٽ ڊور ڊائننگ جو ٽائيم رات جو 12 وڳي تائين ڪيو ويو آهي.

اسد عمر چيو ته مڪمل ڊوز ويڪسين نه لڳرائڻ تي 30 سيپٽمبر کان پوءِ مختلف هنڌن تي داخلا ۽ سرگرمين تي پابندي هوندي. ڪاروبار مٿان بندشون نه پيا لڳايون پر جن ماڻهن ويڪسين ناهي لڳرائي انهن مٿان بندشون لڳايون وينديون. عوام ڪورونا جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ ويڪسين لڳرائي. حڪومت 200 ارب ماليت جي ويڪسين فراهم ڪري رهي آهي. ماڻهن جي آساني لاءِ ويڪسينيشن جو عمل تيز ڪيو وڃي.

اسلام آباد جي 52 سيڪڙو آبادي ويڪسينيٽيڊ ٿي چڪي آهي. حڪومت جي ڪوشش آهي ته ڪورونا جي صورتحال بهتر ٿئي ۽ زندگي معمول تي اچي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته اسپتالن ۾ اسپتالن ۾ ڪورونا جي سيريس مريضن جو دٻاءُ آهي ڪوشش آهي ته آڪسيجن جي فراهمي ۾ رنڊڪ نه اچي. ڪجهه هفتن دوران آڪسيجن جي طلب ۾ اضافو ٿيو. ڪورونا جي صورتحال بهتر ٿي آهي پر خطرو مڪمل طور ختم ناهي ٿيو. 5300 مريض اسپتالن ۾ آڪسيجن تي آهن. لاپرواهي ۽ ايس او پيز کي نظر انداز ڪرڻ ڪورونا ڪيسز ۾ واڌ جو سبب بڻيو.