news
ڪراچي

سنڌ جي تعليم کاتي ۾ گهوٻين جو انڪشاف، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل وڏي وزير کي خط لکي ڇڏيو

ڪراچي: (اڱارو 14 سيپٽمبر 2021ع) سنڌ جي تعليم کاتي ۾ وڏي پيماني تي گهوٻين جو انڪشاف ٿيو آهي ان حوالي سان ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان(ٽي آءِ پي) سنڌ حڪومت مٿان الزام هنيو آهي ته تعليم کاتي ۾ ٻن ماڻهن جي ويهڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ 6 هزار جي ڊيسڪ 29 هزار روپين ۾ خريد ڪئي پئي وڃي. رپورٽ موجب ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان سنڌ جي وڏي وزير کي خط لکي کيس شڪايت ڪئي آهي ته سنڌ صوبي جي تعليم کاتي ۾ مبينه طور تي اها ڊيسڪ 320 سيڪڙو وڌيڪ قيمت تي خريد ڪري رهيو آهي جنهن سبب قومي ناڻي کي نقصان ٿي رهيو آهي.

سيد مراد علي شاهه کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته صوبي جا اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ 10 جون 2021ع تي صوبي جي اسڪولن ۾ ڊيسڪن جي سپلاءِ ۽ ڊليوري لاءِ چار ٺيڪا ڏنا جنهن جي ماليت پنج ارب روپيه آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته هڪ ڊيسڪ جي قيمت 23 هزار 985 روپين کان 29 هزار 500 روپيه ٽيڪس سان گڏ رکي وئي آهي آهي. ٽي آءِ پي چيو آهي ته ايتري وڏي تعداد ۾ ڊيسڪن جي خريداري لاءِ اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ 2 سال اڳ يعني 17 فيبروري 2019 ع تي به اهڙو ئي ٺيڪو جاري ڪيو ويو هو. ان حوالي سان ايندڙ واڪن ۾ هڪ ڊيسڪ جي وڌ کان وڌ قيمت 5700 روپين کان 6860 روپيه ٽيڪس سميت هئي. پر تعليم کاتي اڻڄاڻ سببن جي بنياد تي گهٽ قيمت تي ٺيڪا نه ڏنا.

ٽي آءِ پي چيو ته 5700  روپين جي في ڊيسڪ جي قيمت جو 23 هزار 985 روپيه في ڊيسڪ سان ڀيٽ ڪئي وڃي ته خبر پوندي ته 320 سيڪڙو اضافي قيمتن تي نئون ٺيڪو ڏنو ويو آهي جنهن سان قومي ناڻي کي 3.3 ارب روپين جو نقصان ٿيندو. ٽي آءِ پي جي خط ۾ چيو ويو آهي ته اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ انجنيئرنگ جي انتهائي مهانگي قيمت(24500 في ڊيسڪ) لڳائي آهي. حالانڪه اوپن ٻولي ۾ ڏسون ته مارڪيٽ جي قيمتن موجب تعليم کاتي کي ڏنل قيمتن ۾ ٻڌايو ويو هو ته ڊيسڪ جي قيمت صرف 6860 روپيه آهي.  ٽي آءِ پي  سنڌ جي وڏي وزير کي چيو آهي ته جيڪڏهن قيمتن ۾ ساليانو 10 سيڪڙو اضافي جو خيال به ذهن ۾ رکيو وڃي ته ڊيسڪ جي قيمت 9 هزار روپيه ٺهي ٿي ۽ اها قيمت اڍائي سالن جي مهانگائي جي باوجود آهي. 

ٽي آءِ پي سنڌ جي وڏي وزير کان مطالبو ڪيو آهي ته اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ جي آفيسرن ۽ ٺيڪيدارن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي جيڪا اربين روپين جي نقصان جي ذميوار آهي. سنڌ جي وڏي وزير کي اها به شڪايت ڪئي وئي  آهي ته 2019 جي مهيني اپريل ۾ ٽي آءِ پي وڏي وزير کي چيو هو ته اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ ڊيسڪن جي خريداري لاءِ گهٽ کان گهٽ ٻولي ڏيندڙن کي ٺيڪو نه ڏنو، ٽي آءِ پي ان تي احتجاج به ڪيو هو. ان کان پوءِ هڪ دفعو ٻيهر 23 آگسٽ 2019ع  تي ٽي آءِ پي سيڪريٽري ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ کي آگاهه ڪيو هو  ڇو ته اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسري ڊپارٽمينٽ جي ڪارروائي ۾ ڪابه شفافيت ناهي. ان ڪري ٽي آءِ پي جائزه ڪميٽي ۾ مبصر شامل نه هوندا.  خط ۾ لکيو ويو آهي ته الزامن جو جائزو ورتو وڃي ۽ جيڪڏهن اها ڳالهه صحيح آهي ته بي ضابطگين ۾ ملوث اختيارين جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.