news
لاھور

لاهورين ڪنٽونمينٽ چونڊن ۾ ووٽ جي طاقت سان جعلي تبديلي کي رد ڪري ڇڏيو: مريم نواز

لاهور: (اڱارو 14 سيپٽمبر 2021ع)ڪنٽونمينٽ بورڊ جي چونڊن ۾ ڪاميابي تي ليگي قيادت طرفان مبارڪباد ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي. ان حوالي سان مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف ۽ مريم نواز خواجه عمران  نذير کي ٽيليفون ڪري مبارڪباد ڏني.

شهباز شريف چيو ته اوهان جي ٽيم جي بهترين ڪارڪردگي سبب رب پاڪ(ن) ليگ کي ڪاميابي ڏياري. اوهان ۽ اوهان جي سموري ٽيم کي هن ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيان ٿو. جڏهن ته مريم نواز به ڪنٽونمينٽ چونڊن ۾ ڪاميابي تي چيو ته زنده دلان لاهور پنهنجي ووٽ جي طاقت سان جعلي تبديلي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. رب پاڪ اسان کي عظيم ڪاميابي ڏني آهي.

نوازشريف ۽ شهباز شريف جي قيادت ۾ اوهان جي ٽيم هن ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، سموري ٽيم کي مان هن ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيان ٿي.