news
اسلام آباد

وفاقي ڪابينه پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن ۾ واڌ واري سمري رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد: (اڱارو 14 سيپٽمبر 2021ع) وفاقي ڪابينه پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن ۾ واڌ واري سمري کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ 14 نڪتن تي ٻڌل ايجنڊا تي غور ڪيو ويو. اجلاس دوران 20 ريگوليٽري اٿارٽي جي ڇيئرمين ۽ ميمبرن جي معاوضن تي رپورٽ پيش ڪئي وئي. نئين رويت هلال ڪميٽي جي لاءِ قانونسازي، هيوي ڪمرشل گاڏين تي ايڊيشل ڪسٽم ڊيوٽيز ۾ گهٽتائي، پينل سرچارج جو خاتمو، ديامربهاشا ڊوالپمينٽ ڪمپني جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي نئين سري سان جوڙجڪ جي منظوري جو معاملو به غور هيٺ آيو.

ذريعن ٻڌايو آهي ته وفاقي ڪابينه  پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن ۾ واڌ جي سمري کي رد ڪري ڇڏيو آهي. واضح رهي ته پارلياماني معاملن واري وزارت پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن ۾ واڌ جي سمري منظوري لاءِ ڪابينه کي اماڻي هئي جنهن جي تحت پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن ۾ واڌ ايڊهاڪ ريليف الائونس جي مد ۾ ڪرڻو هو اهڙي طرح سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين،  قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر، جي پگهارن ۾ واڌ ٿيڻي هئي. پر وفاقي ڪابينه اها سمري رد ڪري ڇڏي آهي.