news
اسلام آباد

اليڪشن ڪميشن فواد چوڌري ۽ اعظم سواتي کي نوٽيس جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد: (اڱارو 14 سيپٽمبر 2021ع) اليڪشن ڪميشن وفاقي وزيرن فواد  چوڌري ۽ اعظم سواتي کي نوٽيس جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

رپورٽ موجب اليڪشن ڪميشن وفاقي وزيرن  جا الزام ترديد ڪندي رد ڪري ڇڏيا آهن ۽ اعظم سواتي کان الزامن جا ثبوت به گهرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ان کان علاوه اليڪشن ڪميشن پيمرا کان لاڳاپيل رڪارڊ طلب ڪيو آهي جڏهن ته ايوان صدر، سينيٽ ڪميٽي جي ڪارروائي ۽ ميڊيا بريفنگ بابت رڪارڊ جوڙڻ جي به هدايت ڪري ڇڏي آهي.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته وزيرن جي خلاف نوٽيس کان پوءِ وڌيڪ ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. ياد رهي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي معاملي تي سينيٽ  جي قائمه ڪميٽي ۾ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير اعظم سواتي اليڪشن ڪميشن کي سخت تنقيد جو نشانو بنايو هو. هن اليڪشن ڪميشن مٿان الزام هڻندي چيو هو ته  اليڪشن ڪميشن اپوزيشن کان پئسا ورتا آهن.