news
ميرپورماٿيلو

ميونسپل ڪاميٽي گھوٽڪي جي ملازمن جو سترهن مھينن کان پگھارون نه ملـڻ خلاف احتجاج

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: هادي بخش جلباڻي) ميونسپل ڪاميٽي گھوٽڪي جي ملازمن جو 17 مھينن کان پگھارون نه ملـڻ خلاف پريس ڪلب ميرپور ماٿيلو اڳيان احتجاج ڪيو.

جڏهن ته ميونسپل ڪاميٽي جي ملازمن ۾ مختيار ٽڳڙ، افتخار ڪلوڙ، اختيار لاکو، ڪفايت الله سميت ۽ ٻين ملازمن چيو ته پ پ پ قيادت ميرپور ۾ وفاق خلاف احتجاج ڪري رھي آھي پر ھنن اسان جون 17 مھينن کان پگھارون بند ڪيون آھن اھو ھنن کي نظر نه ٿو اچي، اڄ ميرپور ماٿيلو ۾ گھوٽڪي جي پ پ قيادت خلاف ملازمن کي به روزگار ڪرڻ خلاف ڀٽائي چوڪ تي ميڙاڪو ڪيو، ڪجھ مفاصلي تي اسان وري پ پ قيادت پاران 17 مھينن کان پگھارون بند ڪرڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪري رھيا آھيون، جيڪو ھنن کي نظر نٿو اچي، اسان ڌاريجا ڀائرن وٽ پاڪ ڪتاب کڻي وياسين پر ھنن کي اسان مٿان رحم نه آيو، پوري سنڌ ۾ 2013 ۾ 13 ھزار نوڪريون ڏنيون ويو پر صرف ميونسپل ڪاميٽي گھوٽڪي جي ملازمن ناانصافي ڪئي وئي آھي، نو سالن کان نوڪري ڪري رھيا آھيون، اسان جي ڪمشنر سکر وٽ انڪوائري رکيل آھي جيڪا ڪمشنر سکر کي عدالتي حڪم تحت 90 ڏينھن اندر ڪورٽ ۾ جمع ڪراڻي ھئي، جيڪا صوبائي وزير ڄام اڪرام  الله ڌاريجو ۽ سيف الله ڌاريجو جي مداخلت تي انڪوائري 17 مھينن کان روڪرائي ڇڏي آھي، جيڪا ملازمن سان سراسر ناانصافي آھي، گھوٽڪي جي پاڪستان چوڪ اڳيان اسان جي 37 ڏينھن کان ڪئمپ لڳل آھي، جيڪا پگھارن جي بحالي تائين جاري رھندي.

احتجاج ڪندڙن پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش خان مھر، بنگل خان مھر، سميت ۽ پ پ جي اعليٰ قيادت کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان جون پگھارون جاري ڪري انصاف ڪيو وڃي.