ميرپور ماٿيلو ۾ پي پي پاران وفاقي حڪومت جي ناقص پاليسين خلاف احتجاجي ڌرڻو

news

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: هادي بخش جلباڻي) وفاقي حڪومت جي ناقص پاليسين خلاف پوري سنڌ جيان ميرپور ماٿيلو ۾ به پاڪستان پيپلزپارٽي ضلعي گهوٽڪي پاران احتجاجي ڌرڻو لڳايو ويو، جنهن جي اڳواڻي پ پ پ ضلعي گهوٽڪي جي صدر مير بابر علي خان لُنڊ ڪئي.

ان موقعي تي مير بابر علي خان لُنڊ، محمد يوسف ڀٽو، سڪندر لاکو، منظور احمد جلباڻي، اختيار احمد ڪلوڙ، عبدالغفار وسير، اظھر حسين چنا، پھلوان علي موساڻي غلامنبي ڪلوڙ، غلام نبي وسير ۽ ٻين چيو ته نيازي سرڪار پوري پاڪستان جي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، نيازي سرڪار ايتري ته مهانگائي ڪئي آهي جو عوام بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي پئي آهي.

هنن چيو ته موجوده حڪومت ۾ عوام کي ڪوبه رليف ناهي ملي سگهيو، پ پ پ واحد پارٽي آهي. جنهن عوام جي ڀلائي لاءِ پاڻ پتوڙي رهي آهي، هنن چيو ته هاڻي عوام پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم ڏسڻ چاهي ٿي. هنن چيو ته وفاق سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهي آهي، سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي.

هنن چيو ته پوري ملڪ جي عوام پ پ پ سان محبت ڪري پئي، ڇو ته پ پ پ ئي عوام کي موجوده بحران مان ڪڍي سگهي ٿي، هنن چيو ته وفاق جي ناانصافين خلاف عوام تاريخي ڌرڻو هڻي ٻڌائي ڇڏيو ته حقن تان هٿ نه کڻنداسين. سنڌ جا حق وفاقي سرڪار کان ڇڪي وٺنداسين.

هنن چيو ته هي حڪمران انڌا ٻوڙا ۽ گونگا آهن. جيڪي ڪجهه به نٿا سمجهي سگهن. سنڌ جي سرزمين لاءِ پاڻي کپي. وفاق سنڌ جو پاڻي چوري ڪري ٿو، هي پي ٽي آءِ نه پر پاڻي چور سرڪار آهي، غلط وقت تي تربيلا کي بند ڪيو ۽ چشما جهلم لنڪ کولي ڇڏيو. توهان پاڻي چوري ڪري آرام سان ويهي نٿا سگهو، اسان اسلام آباد ۽ بني گالا به ڏٺو آهي. اسان هميشه پاڻي لاءِ وڙهندا رهيا آهيون.

هنن چيو ته سنڌ جي آدمشماري ڪوڙي ڪري اين ايف سي ۾ حصو گهٽ ڪري ڇڏيو آهي، پ پ 2010 ۾ صوبن جو حصو اين ايف سي ۾ وڌايو ۽ هن حڪومت کي 2020 ۾ اين ايف سي ايوارڊ ڏيڻو هو جيڪو اڃا تائين ناهي ڏنو ويو. سنڌ 70 سيڪڙو ملڪي معيشت ۾ حصو ڏي ٿو. سنڌ کي خيرات نه پر پنهنجو حق حصو کپي.

هنن چيو ته عمران خان جو عوام کي گهر ۽ نوڪريون ڏيڻ جو اعلان خواب بڻجي ويو آهي. بجيٽ ۾ سنڌ جي حصي ۾ ڪٽوتي ڪئي وئي آهي. ايل بي او ڊي ري ماڊلنگ جو مطالبو نظر انداز ڪيو ويو آهي. روزگار ۽ پاڻي کي بند ڪرڻ سنڌ جو معاشي قتل آهي. سنڌ هر ڀيري چيو آهي ته پاڪستان کپي. موجوده وفاقي حڪومت سنڌ صوبي جي ملڪيت تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. عمران خان سنڌ سان تعصب ڏيکاري رهيو آهي. عمران خان چئي ٿو ته صوبائي خودمختياري بعد وفاق سڃو ٿي ويو آهي، ڪڏهن تنهنجو پيٽ ڀربو پنهنجو رت ڏيون ڇا. هنن چيو ته وفاقي حڪومت بينظير جو نالو چوري ڪري احساس پروگرام جون ڀڙڪيون هڻي رهي آهي. اچو دل کولي سنڌ جو سوچيون. سڀني کي چئون ٿا ته دل وسيع ڪيو ته سنڌ خوشحال ٿي ويندي.

هنن چيو ته پ پ عوامي جمهوري پارٽي آهي، جيڪا مضبوط وفاق جي علامت آهي. هن حڪومت وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ وڇوٽيون پيدا ڪيون آهن، وفاق کي ڪمزور ڪرڻ جي عمران خان ڪوشش ڪئي آهي پر پ پ وفاق کي مضبوط ڪرڻ ۽ صوبن کي حق ڏيڻ جي جدوجهد ڪري پئي. ارسا چيئرمين وزيراعظم عمران خان جو ڪمدار آهي جيڪو سنڌ جي حصي جو پاڻي نه ڏئي اسان سان ناانصافي ڪري رهيو آهي. هنن چيو ته سنڌ ۾ هن وقت پاڻي جي 40 سيڪڙو کوٽ آهي، سنڌ کي طئه ٿيل معاهدي تحت پاڻي نه پيو ڏنو وڃي، ارسا سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهي آهي، ارسا جي ظلمن خلاف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي احتجاجي ريلي ڪڍي ارسا کي قبلو درست ڪرڻ جي وارننگ ڏني آهي. ارسا قبلو درست ڪري سنڌ کي ان جي حصي جو پاڻي ڏي ٻي صورت احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.