news
جيڪب آباد

جيڪب آباد ۾ ملازمن پاران بجيٽ ۾ وڌايل واڌو پگهارون نه ملڻ ۽ ميونسپل ايڊمنسٽريٽر ناانصافين خلاف احتجاج

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد ۾ ميونسپل ڪميٽي جي ملازمن پاران بجيٽ ۾ وڌايل واڌو پگهارون نه ملڻ ۽ ميونسپل ايڊمنسٽريٽر ناانصافين خلاف آپڪا جي ضلعي صدر نصرالله ڊومڪي، سليم پيچوھو، زين العابدين ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ايڊمنسٽريٽر آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو ۽ سخت نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي ملازمن خطاب ڪندي چيو ته گذريل سال جي بجيٽ ۾ وڌايل 5 مھينن جي ڊفرنس بل رھيل آهي، ھلندڙ بجيٽ ۾ وڌايل 20 فيصد پگهارون ۽ پينشن به جاري نه ڪيون ويو آهن، جيڪا ميونسپل جي ملازمن سان زيادتي آهي.

ھنن وڌيڪ چيو ته ھر مھيني ميونسپل ڪميٽي جي رڪوري 60 کان 80 لک ٿئي ٿي پر پئسا نه ھئڻ جو جواز ڄاڻائي واڌو پگهار کان جواب ڏنو ويو آهي، جيڪا ايڊمنسٽريٽر جي زيادتي آهي.

ھنن مطالبو ڪيو ته واڌو پگهارون ۽ ڊفرنس بل ادا ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.