صوبائي وزير ڄام خان پاران قاضي شاھد پرويز جي امڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

news

ڪراچي: آبپاشي کاتي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو جو قائم مقام چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ گھرو کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري قاضي شاھد پرويز جي امڙ جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آھي.

صوبائي وزير پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ چيو آهي ته قاضي شاهد پرويز جي والدا جي وفات جو ٻڌي کيس ڏک ۽ افسوس ٿيو. ھن دعا گھري ته الله تعالي مرحوما کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري ۽ پونئرن کي ڏک برداشت ڪرڻ لاءِ صبر عطا ڪري.