جيڪب آباد ويجهو ٽن ورهين جو ٻار پاڻي جي کڏ ۾ ٻڏي فوت

news

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد ويجهو ڳوٺ مولاداد ۾ گھر ٻاهران پاڻي جي کڏ ۾ ٽن ورهين جو ٻار نور نبي مغيري ڪري پيو.

جڏهن ته اھڙي اطلاع تي وارث پھچي ٻار کي ڪڍي سول اسپتال آندو ويو، جتي ڊاڪٽر پڻ موت جي تصديق ڪئي، لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

جڏهن ته ٻار جو مڙهه گھر پھچڻ تي قھرام مچي ويو، جنهن سبب ماحول سوڳوار ٿي ويو.