news
ڄامشورو

حيدرآباد ۽ آمريڪي شھر ٽوليڊو وچ ۾ دوستيءَ جا ڏھه سال مڪمل، تقريب ڪوڄائي وئي

ڄامشورو (رپورٽ: حيات ميراڻي) شهيد الله بخش سومرو يونيورسٽي آف آرٽ ڊزائن اينڊ هيريٽيجز ڄامشوري، سنڌ انڊجينئس ٽريڊيشنل ڪرافٽ ڪمپني (سٽڪو) انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊزائن سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري، ٽوليڊو سسٽر سٽي انٽرنيشنل ۽ آرٽس ڪميشن آف گريٽر ٽوليڊو آمريڪا ۾ وڏي پيماني تي تعليم جي سڌاري توڙي واڌاري، آرٽ جون نمائشون منعقد ڪرائڻ، شاگردن جي مٽا سٽا ۽ گڏجي پروگرام منعقد ڪرائڻ سميت مختلف معاملن تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي معاھدو ٿي ويو آھي.

اھڙو معاھدو شھيد اللھ بخش سومرو يونيورسٽي آف آرٽ، ڊزائن اينڊ ھيريٽيجز ڄامشوري ۾ حيدرآباد ۽ آمريڪي شھر ٽوليڊو جي دوستيءَ جا ڏھه سال مڪمل ٿيڻ واري ھڪ تقريب دوران ڪيو ويو. ٽوليڊو ۽ حيدرآباد وچ ۾ ڏھه سال پھرين حيدرآباد ٽوليڊو سسٽر سٽي تحت ھڪ سھڪار وڌائڻ بابت ھڪ معاھدو ٿيو ھو، جنھن جا ڏھه سال مڪمل ٿيڻ بعد ھڪ آن لائن تقريب ڪوڄائي وئي.

شھيد اللھ بخش سومرو آرٽ يونيورسٽيءَ ۾ ٿيل تقريب ۾ پاڪستاني وفد طرفان حيدرآباد جي ايڊمنسٽريٽر ڪئپٽن رٽائرڊ الطاف ساريو، شھيد اللھ بخش سومرو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ڀائي خان شر، حيدرآباد ٽوليڊو سسٽر سٽي ڪائونسل جي صدر يونس کتري، ڪلچرل ڪميٽي جي سربراھه شڪيل ابڙو، عورتن، نوجوانن ۽ ميڊيا جي چيئرپرسن مريم صديقي ۽ انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊزائن سنڌ يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر پروفيسر سعيد منگي شرڪت ڪئي. جڏھن ته ٽوليڊو مان شھر جي ميئر ويڊ ڪيپسزوڪيوڪ، شڪاگو ۾ پاڪستان جي ڪائونسل جنرل طارق ڪريم، ٽوليڊو سسٽر سٽي انٽرنيشنل جي نائب صدر ڊاڪٽر انور علي ۽ چيئر ڊپارٽمينٽ آف آرٽ يونيورسٽي آف ٽوليڊو باربرا مائينر شرڪت ڪئي.

آن لائن گڏجاڻيءَ جي شروعات پاڪستان جي قومي تراني سان ٿي، جنھن بعد ايڊمنسٽريٽر حيدرآباد الطاف ساريو، شھيد اللھ بخش سومرو يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر ڀائي خان شر ۽ حيدرآباد ٽوليڊو سسٽر سٽي ڪائونسل جي صدر يونس کتري خطاب ڪيو.

انھيءَ دوران مقررن جو چوڻ ھو ته حيدرآباد ۽ ٽوليڊو آرٽ، ثقافت، معاشيات، واپار ۽ تعليم جي ميدان ۾ سھڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪري سگھن ٿا جڏھن تھ ماڻھوءَ سان ماڻھوءَ جي لاڳاپي کي پڻ وڌائڻ ۾ پڻ ٻنھي شھرن جي دوستي ڪارگر ثابت ٿيندي. ھنن چيو ته اتفاق سان ٽوليڊو ۽ حيدرآباد ٻئي شھر وڏن درياھن جي ڪنارن تي آباد آھن ۽ ٻنھي کي پنھنجو وڏو تاريخي پس منظر آھي، تنھن ڪري اھي خصوصيتون به ٻنھي شھرن جي ماڻھن کي ھڪٻئي جي ويجھو آڻڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري سگھن ٿيون.

سندن وڌيڪ چوڻ ھو ته حيدرآباد پاڪستان جو ثقافتي ۽ تعليمي مرڪز آھي، جتي وڏا ڪارخانا ۽ پنج ھزار کان وڌيڪ ننچا وڏا تعليمي ادارا آھن، تنھن ڪري ٽوليڊو شھر جو ميئر ٻنھي شھرن جي وڌيڪ تعليمي ادارن ۽ ڪاروباري مرڪزن وچ ۾ سھڪار جي مضبوطيءَ لاءِ اھم ڪردار نڀائي سگھي ٿو. 

شھيد اللھ بخش سومرو يونيورسٽيءَ ھي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ڀائي خان شر چيو ته سندس يونيورسٽيءَ ۾ پرڏيھي شاگردن لاءِ 9 سيٽون مخصوص آھن پر جيڪڏھن ٽوليڊو جا شاگرد پاڪستان اچي اللھ بخش سومرو يونيورسٽي ۾ آرٽ جي تعليم وٺڻ چاھن ته سيٽن جو انگ به وڌائي سگھجي ٿو ۽ انھن کان ساڳئي فيس وصول ڪئي ويندي. جيڪا پاڪستان جي شاگردن کان ورتي ويندي آھي. 

حيدرآباد جي ايڊنسٽريٽر ڪئپٽن رٽائرڊ الطاف ساريو ٽوليڊو جي ميئر کي تجويز ڏني ته حيدرآباد ۽ ٽوليڊو جي دوستيءَ کي يادگار بڻائڻ لاءِ ٻنھي شھرن ۾ ھڪٻئي جي نالن سان ڪو روڊ منصوب ڪيو وڃي. جڏھن ته ھن ٽوليڊو جي ميئر کي حيدرآباد اچڻ ۽ مھمانوازي جو موقعو ڏيڻ جي آڇ ڪئي.

ٽوليڊو جي ميئر ويڊ ڪيپسزوڪيوڪ ٽوليڊو حيدرآباد سسٽر سٽي ڪائونسل جي مستقل مزاجي ۽ ٻنھي شھرن وچ ۾ دوستي وڌائڻ واري جذبي ۽ ڪردار جي واکاڻ ڪئي. ھن چيو ته ٽوليڊو ھميشه دنيا جي مختلف شھرن سان دوستي ۽ ڀائيچاري وارو رشتو قائم ڪرڻ کي ترجيح ڏني آھي. شايد دنيا جو پھريون شھر آھي، جنھن 1931ع ۾ اسپين جي ھڪ شھر سان دوستيءَ وارو معاھدو صحيح ڪيو، جڏھن ته ان وقت آمريڪا ۽ يورپ پھرين عالمي جنگ بعد ڪاوڙ ۾ ھئا پر انھن تنھن وقت بھ دوستيءَ جو دامن پڪتو ۽ ھو اڳتي به اھو سلسلو جاري رکندا.

سندس چوڻ ھو ته حيدرآباد جي تاريخي پس منظر، ھٿ جي ھنر، ثقافت ۽ تعليمي ماحول کيس گھڻو متاثر ڪيو آھي ۽ سندس خواھش آھي ته ھو حيدرآباد ضرور اچي. ويڊ ڪيپسزوڪيوڪ حيدرآباد ۽ ٽوليڊو وچ ۾ دوستي مضبوط ڪرڻ، سھڪار وڌائڻ، شھيد اللھ بخش سومرو آرٽ يونيورسٽي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن جي پينٽنگ نمائش لڳائڻ توڙي ھر قسم جي سھڪار جي خاطري ڪرائي.

خطاب بعد شھيد اللھ بخش سومرو آرٽ يونيورسٽي ڄامشوري، سٽڪو ۽ انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊزائن سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ٽوليڊو جي اختيارين سان ٻن يادداشت نامن تي صحيحون ڪيون. شھيد اللھ بخش سومرو آرٽ يونيورسٽي ڄامشوري ۽ يونيورسٽي آف ٽوليڊو ۾ ٿيل معاھدي تحت ھڪٻئي جو اعتماد بحال ڪرڻ ۽ ٻنھي ادارن کي معاشي فائدو ٿيڻ، شھيد اللھ بخش سومرو يونيورسٽي پاران ٽوليڊو ۾ موڪليل شاگردن جي پينٽنگس جي نمائش لڳائڻ، ڪاشيگري، ڊزائن، ڊجيٽل ميڊيا ۽ فوٽوگرافي جي شعبن ۾ سھڪار ڪرڻ سميت جدت آڻڻ، سيمينار ۽ ورڪشاپ ڪرائڻ، شاگردن ۽ فيڪلٽي ميمبرن جي مٽاسٽا ۽ سياري توڙي اونھاري جي موڪلن دوران شاگردن لاءِ آن لائن ڪلاس ھلائڻ سميت مختلف نقطا شامل ڪيا ويا.

سٽڪو، انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊزائن سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري، ٽوليڊو سسٽر سٽي انٽرنيشنل ۽ آرٽس ڪميشن آف گريٽر ٽوليڊو وچ ۾ ٿيل يادداشت نامي ۾ شاگردن ۽ اڙٽسٽن جو ڪم ٽوليڊو آرٽ ڪميشن سان مشھوريءَ لاءِ ڏيڻ، شارٽ ڪورس متعارف ڪرائڻ، آن لائن ورڪشاپ ڪرائڻ، وڊيو ڊاڪيومينٽري ٺاھڻ، سٽڪو پاران آن لائن ورڪشاپ ڪرائڻ، مختلف علائقن مان آرٽسٽن جي چونڊ ڪرڻ، پرفارمنگ آرٽ لاءِ فنڪار ھٿ ڪرڻ سميت ٻيا نقطا شامل ڪيا ويا.

ميٽنگ جي آخر ۾ حيدرآباد ۽ ٽوليڊو جي دوستيءَ جا ڏھھ سال مڪمل ٿيڻ تي ڪيڪ ڪاٽيو ويو، جڏھن ته ٻنھي شھرن جي ايڊمنسٽريٽرن ھڪٻئي سان تحفن جي مٽا سٽا ڪئي.