پي ٽي آءِ حڪومت جي وفاقي وزيرن پاران اليڪشن ڪميشن تي بي بنياد ۽ سخت الزام ھنيا آهن: شازيه مري

news

ڪراچي: پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر شازيه مري جو وفاقي وزيرن پاران اليڪشن ڪميشن تي لڳايل الزامن بابت سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر جي ھڪ پيغام ۾ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن پاڪستان پاران وفاقي وزيرن جي قابل مذمت ۽ سخت بيانن جو نوٽيس ورتو ويو.

شازيه مري چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت جي وفاقي وزيرن پاران اليڪشن ڪميشن تي بي بنياد ۽ سخت الزام ھنيا ويا، جنهن تي اليڪشن ڪميشن پاڪستان پاران وفاقي وزيرن کي اهي الزام ثابت ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي.