news
ڪراچي

موسميات کاتي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي، ڪراچي ۾ سخت گرمي جي لهر جاري

ڪراچي: (اربع 15 سيپٽمبر 2021ع) موسميات کاتي هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته ڪراچي ۾ سخت گرمي جي لهر جاري آهي، سخت گرمي باوجود مختلف شهرن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ عوام جا اهنج ٻيڻا ڪري ڇڏيا آهن.

ڪراچي ۾ پارو 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو آهي. جڏهن ته هوا جي رفتار ۽ فضا ۾ نمي سبب گرمي پد 42 ڊگري محسوس ٿي رهيو آهي. طبي ماهرن گرم موسم کي نظر ۾  رکندي شهرين کي احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.

موسميات کاتي هوا جي گهٽ دٻاءُ ۽ ڊپريشن جي حوالي سان منظر نامو جاري ڪندي ٻڌايو ته اولهه هندستان تي موجود ڊپريشن ڪمزور ٿي چڪو آهي جيڪا سٺي علامت آهي. پر وچ هندستان جو ٻيو گهٽ دٻاءُ ڀارتي گجرات راجستان جي علائقي تي برقرار آهي.

موسميات کاتي موجب هوا جي گهٽ دٻاءُ جا اثر اوڀر، اولهه سنڌ تائين پکڙيل آهن. هن سسٽم جي اثر هيٺ نوابشاهه، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص ۽ سانگهڙ ۾ طوفاني برسات جو امڪان آهي.  جڏهن ته ڪراچي ۾ 16 سيپٽمبر تائين موسم گرم رهندو.