پ پ ۽ اي اين پي وفد جي چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات

news

اسلام آباد: (اربع 15 سيپٽمبر 2021ع) ايندڙ عام چونڊن ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي معاملي تي پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي وفد چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

پيپلز پارٽي جي نيئر حسين بخاري، فرحت الله بابر، شيري رحمان ۽ عوامي نيشنل پارٽي جو ايمل ولي خان وفد ۾ شامل هئو. ملاقات کان پوءِ پ پ جي جنرل سيڪريٽري نيئر بخاري صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته چونڊ اصلاحن تي اليڪشن ڪميشن جو موقف آئين ۽ قانون موجب آهي. حڪومت جو چونڊ اصلاحي بل آئين سان تڪراري آهي. حڪومتي وزير آئيني اداري جي سربراهه خلاف ڪريل ٻولي ڳالهائڻ کان پاسو ڪن، اسان اليڪشن ڪميشن کي هر فورم تي سپورٽ ڪنداسين.

شيرين رحمان چيو ته حڪومتي وزير ادارن مٿان تنقيد ڪري رهيا آهن. اهڙي ووٽنگ مشين مڙهي پئي وڃي جيڪا وڏي آبادي واري ملڪ ۾ نٿي هلي سگهي. اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سان نه رازداري رهندي ۽ نه ئي ان سان ڪو فائدو ٿيندو. حڪومت ايوان صدر ۾ به اليڪشن ڪميشن جي خلاف سخت زبان استعمال ڪئي آهي. حڪومت جمهوري ادارن، سياسي پارٽيز ۽ ميڊيا سان جهيڙي ۾ رڌل آهي.