news
ڪراچي

ڪورونا صورتحال ۾ بهتري: سنڌ حڪومت لاڳو ڪيل پابندين ۾ نرمي ڪري ڇڏي

ڪراچي: (اربع 15 سيپٽمبر 2021ع) سنڌ حڪومت ڪورونا جي صورتحال ۾ بهتري کان پوءِ ڪيترين ئي پابندين ۾ نرمي ڪري ڇڏي آهي. ان حوالي سان سنڌ جي گهرو وزارت ڪورونا سبب لاڳو ڪيل پابندين جي حوالي سان نئون نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي جيڪو 30 سيپٽمبرتائين لاڳو هوندو.

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سموري سنڌ ۾ ڪاروباري ۽ واپاري مرڪز رات 10 وڳي تائين کليل رهندا. هفتي ۾ صرف هڪ ڏينهن بازارون بند رهنديون. ڪراچي ۾ آچر جڏهن ته ٻين شهرن ۾ جمعي وارو ڏينهن سيف ڊي جي طور تي  ڪاروبار بند رهندو. نوٽيفڪيشن موجب صوبي ۾ انڊور ڊائننگ رات 12 وڳي تائين کليل رهندا. پر انڊور ڊائننگ جي لاءِ ويڪسينيشن ڪارڊ گڏ رکڻ لازمي هوندو. هوٽلن ۾ 50 سيڪڙو ماڻهن کي ويهارڻ جي اجازت هوندي. سئنيما ۽ انڊور گيمز تي پابندي هوندي پر جم ڪورونا ايس او پيز تحت کولي سگهبا.

مزارون  مقامي انتظاميه ۽ اوقاف کاتي جي اجازت سان کولي سگهبيون. تفريحي ماڳ واٽر پارڪ ۽ سوئمنگ پولز 50 سيڪڙو گنجائش سان کولي سگهجن ٿا. پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ 50 سيڪڙو ۽ ريلوي ٽرينن ۾ 70 سيڪڙو مسافرن کي سفر جي اجازت هوندي. سنڌ حڪومت شادي جي تقريبن جي اجازت ڏيندي چيو آهي ته ان ڊور تقريبن ۾ 200 مهمانن جي اجازت هوندي جڏهن ته اوپن ايريا ۾ شادي جي تقريبن ۾ 400 مهمانن کي اجازت هوندي. مارڪيٽن شاپنگ مالز، دوڪانن تي ايس او پيز جو جائزو وٺڻ لاءِ ٽيمون وزٽ ڪنديون گهرن ۾ ڪم ڪرڻ جي شرط به ختم ڪئي وئي آهي هاڻ آفيسن ۾ 100 سيڪڙو عملو ڪم ڪري سگهندو.