news
ڪراچي

ناجائز حڪومت کي عوام جي حقن مٿان ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين: بلاول ڀٽو

ڪراچي: (اربع 15 سيپٽمبر 2021ع) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ناجائز ۽ ناڪام ترين حڪومت کي عوام جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين. عالمي يوم جمهوريت جي حوالي سان پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ جي سلامتي ۽ ترقي جي ضمانت جمهوريت آهي. پاڪستان جهڙي ثقافتي معاشري ۾ وفاقي جمهوريت ئي واحد قابل عمل نظام حڪومت آهي.

پيپلز پارٽي ملڪ ۾ جمهوريت جي لاءِ ڊگهي ۽ تاريخي جدوجهد ڪئي ۽ جمهوريت کي مضبوط بنائڻ جي لاءِ انقلابي قدم کنيا آهن. ذوالفقار علي ڀٽو قوم کي گڏيل آئين جو تحفو ڏنو. آئين ۽ پارليامينٽ جي احترام کان سواءِ ملڪ ۾ هڪ نه پر ٻه پاڪستان هلندا رهندا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي ملڪ ۾ جمهوريت جي لاءِ ڊگهي ۽ تاريخي جدوجهد ڪئي ۽ جمهوريت کي مضبوط بنائڻ جي لاءِ انقلابي قدم کنيا آهن.

ذوالفقار علي ڀٽو قوم کي گڏيل آئين جو تحفو ڏنو جنهن جي بنياد جمهوريت آهي. بينظير ڀٽو جمهوريت جي بحالي لاءِ ٻن آمرن جي خلاف جدوجهد ڪئي. جمهوري ادارن کي مضبوط ڪيو، آصف علي زرداري آئين کي اصل شڪل ۾ بحال ڪيو. پنهنجي صدارتي اختيارن کي پارليامينٽ جي حوالي ڪيو. پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت جي ٽئين نسل به(طاقت جو سرچشمو عوام آهي) جو جهنڊو کڻي ميدان ۾ جدوجهد لاءِ بيٺل آهي.

پ پ چيئرمين چيو ته ڪٺ پتلين هڪ پاڪستان ۾ پاڪستانين کي ٻن گروپن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. سليڪٽڊ حڪومت طرفان هر مخالف آواز کي دٻائڻ ۽ انتقام کي نشانو بنائڻ جو مقصد جمهوريت کي ڪمزور ڪرڻ آهي. پيپلز پارٽي ناجائز ۽ ناڪام حڪومت کي عوام جي حقن مٿان ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندي.