news
لاھور

وزيراعظم عمران خان سان پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار جي ملاقات

لاهور:(اربع 15 سيپٽمبر 2021ع) وزيراعظم عمران خان سان پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ صوبي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

عثمان بزدار  حڪومت جي ٽن سالن تي ٻڌل دور دوران عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ  کنيل قدمن بابت وزيراعظم کي بريفنگ ڏني. هوڏانهن وزيراعظم دوري دوران لاهور جي ترقياتي منصوبن تي اجلاس طلب ڪري ورتو. عمران خان کي لاهور ۾ هلندڙ ترقياتي منصوبن تي بريف ڪيو ويندو.

وزيراعظم پنجاب ۾ اسپيشل اڪنامڪ زونز جي حوالي سان اڳڀرائي تي بريفنگ ڏيندو. ليبر ڊپارٽمينٽ جي  قدمن تي عنصر مجيد نيازي وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندو.