news
سڪرنڊ

پ پ اڳواڻ حاجي غلام نبي راهو مختصر علالت بعد ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

سڪرنڊ ( رپورٽ: مشتاق سولنگي) سنڌ جو ناليوارو برک سياستدان، پ پ اڳواڻ، سنڌ جي معزز شخصيت، مهمان نواز رئيس حاجي غلام نبي راهو مختصر علالت بعد ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

جڏهن ته سندس جنازي نماز ڳوٺ صابو راهو ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ سياسي سماجي صحافي تنظيمن جي اڳواڻن سميت سموري سنڌ مان هزارين ماڻھن شرڪت ڪئي. جنهن بعد مرحوم کي سندس فرزند راجا خان راهو جي قبر ڀرسان هزارين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.