news
ميرپورماٿيلو

ميرپورماٿيلو ڀرسان ڳوٺ ولي محمد ڪورائي جي رھواسڻ عورت پاران مختيارڪار ۽ يوسي سيڪريٽري خلاف احتجاج

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: هادي بخش جلباڻي) ميرپورماٿيلو ڀرسان ڳوٺ ولي محمد ڪورائي جي رھواسڻ بيواهه عورت ارشاد بيگم گذريل ڏينھن مختيارڪار ۽ يوسي سيڪريٽري خلاف احتجاج ڪندي ميڊيا اڳيان دانھيو آھي ته منھنجو مڙس امداد حسين ھڪ سال اڳ فوت ٿي ويو آھي، ايترو عرصو گذرڻ باوجود مختيارڪار ميرپورماٿيلو ۽ يوسي سيڪريٽري ڍانگرو رٽائرڊ مينٽ ۽ پينشن جي رقم جيڪا ست لک روپيا ٺھي ٿي نه ٿا ڏين.

جڏهن ته بيواهه عورت چيو ته ڪيترا ڀيرا ھنن جي آفيس جي درن جا ڌڪا کاڌا آھن پر انھن جي ڪوڙن دلاسن کان سواءِ ڪجھ به ناھي مليو، ھن چيو ته منھنجو مڙس 29 سال يونين ڪائونسل ڍانگرو ۾ نوڪري ڪئي. تنھن باوجود مونکي حق نه پيو ڏنو وڃي، حق گھرڻ تي کين ڌمڪايو پيو وڃي.