ميرپور ماٿيلو لڳ ڳوٺ اسماعيل مهر مان هٿياربندن هٿان مبينا طور عورت اغوا، مزاحمت ڪرڻ تي امڙ زخمي

news

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: هادي بخش جلباڻي) يارو لنڊ ٿاڻي جي حد ڳوٺ اسماعيل مهر مان هٿياربندن هٿان مبينا طور عورت اغوا، مهر برادري سان تعلق رکندڙ هٿياربند گهر تي ڪاهه ڪري عورت کنڊل مهر کي اغوا ڪري ويا، مزاحمت ڪرڻ تي سندس امڙ مسمات خانا کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا.

جڏهن ته زخمي عورت کي ميرپور ماٿيلو سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمي عورت ۽ ان سان گڏ آيل وارث الھجوايو جو چوڻ آھي ته مهر برادري جي جوابدارن الھ بخش مهر، شمس الدين، جمشير ۽ ٻين رات دير سان گهر تي ڪاهه ڪري کنڊل کي اغوا ڪري ويا، اطلاع باوجود يارو لنڊ پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناھي ڪيو، اغوا ٿي ويل عورت جي زندگي کي خطرو آھي.

جڏهن ته ايس ايس پي گھوٽڪي نوٽيس وٺي مغوي عورت کي بازياب ڪرائي ھن جي حياتي کي خطرو آھي، پراڻو سڱاوتي معاملو ھو جنھن جو فيصلو به ٿيل آھي، جوابدارن ناحق ڪيو آهي، اغوا ٿيل کنڊل جي زندگي کي خطرو آهي، انصاف ڪيو وڃي.