صوبائي وزير ڄام خان شورو قاضي شاهد پرويز جي گھر پھچي ساڻس امڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي

news

ڪراچي: آبپاشي کاتي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو اڄ حيدرآباد ۾ قائم مقام چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري گهرو کاتو قاضي شاهد پرويز جي ماءُ جي لاڏاڻي تي سندس گهر پهچي تعزيت ڪئي.

ان موقعي تي صوبائي وزيرآبپاشي ڄام خان شورو پاران قاضي شاھد پرويز جي امڙ جي لاڏاڻي تي گھري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي مرحوما جي ايصال ثواب لاءِ قل پڙھيا ۽ دعا گھري ته الله تعاليٰ مرحوما کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر عطا ڪري.