news
مدٸجي

مدئجي پوليس جي ڪارروائي، پنچ ڪلو گرام چرس هٿ، جوابدار گرفتار

مدئجي (رپورٽ: ايوب بروهي) مدئجي پوليس پاران ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري هڪ جوابدار کي چرس سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

جڏهن ته مدئجي پوليس علي شير ولد لال بخش جتوئي کي گرفتار ڪري ان جي قبضي مان 5 ڪلو گرام چرس هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي، جنهن بعد مدئجي ٿاڻي تي گرفتار جوابدار مٿان گناهه نمبر 2021/62 قلم 9 سي منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.

هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي مدئجي پوليس ٻڌايو ته ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري هڪ جوابدار علي شير جتوئي کي 5 ڪلوگرام چرس سميت هٿ ڪري ورتو هو، جنهن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ بعد کيس ڪورٽ ۾ پيش ڪيو، جتان کيس جيل اماڻيو آھي.