مدئجي ڀرسان شادي شدهه ناري مڙس جي مبينا تشدد خلاف تحفظ جي اپيل

news

مدئجي (رپورٽ: ايوب بروهي) مدئجي ڀرسان عباسي محلي جي رهواسڻ شادي شدهه ناري مڙس جي مبينا تشدد کان تنگ ٿي 3 ورهين جي معصوم پٽ سميت وومين سيل پهچي تحفظ جي اپيل ڪئي آهي، جنهن کي وومين سيل جي پوليس پاران چوٿون ايڊيشنل ۽ سيشن جج لاڙڪاڻو حفظ الرحمان ميمڻ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

جڏهن ته ناري صبا پروين دل جو چوڻ هو ته مڙس عبدالقادر دل خرچ نه ڏيندو هو خرچ گهرڻ تان تشدد ڪندو هو، جنهن جي شڪايت گهرڀاتين کي ڪئي پر ڪوبه تدارڪ ناهي ٿيو.

هن جو وڌيڪ چوڻ هوته پيءُ عبدالله دل مڙس عبدالقادر، دل ڏيرن عبدالڪريم، عبدالسميع، عبدالقيوم ۽ سهري گلاب الدين دل مان جان جو خطرو آهي، تحفظ ڏنو وڃي.

جڏهن ته ناري جي اهڙي بيان بعد عدالت ناري صبا پروين زال عبدالقادر دل کي 3 ورهين جي پٽ محمد لقمان سميت دارالامان موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جنهن بعد کيس دارالامان نيو ويو آهي.