news
ٽنڊو ڄام

زرعي تحقيق سنڌ جي ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ ٽئين ڏينهن به احتجاج

ٽنڊوڄام (رپورٽ: مستنصر علي جمالي) زرعي تحقيق سنڌ جي ملازم تنظيم سنڌ ايگريڪلچر ريسرچ نان گزيٽيڊ ايمپلائيز ايسوسيئيشن (سارنگيا) پاران اسٽينو گرافرز جو پروموشن ڪرڻ، ڪچن ملازمن جي پگھار 25 ھزار ڪرڻ، رھائشي ڪالوني جي مرمت ڪرائڻ، غيرقانوني قبضا ختم ڪرائڻ ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ شريف ڪاٺيو، نور احمد جمالي، محبوب خاصخيلي، محمود مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽئين ڏينهن ڪيمسٽري سيڪشن کان ريلي ڪڍي ڊائريڪٽر جنرل جي آفيس آڏو ڌرڻو ھڻي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.

انھي موقعي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڪيتري ئي وقت کان اسٽينو گرافر ۽ ڊرائيورن جا پروموشن نه پيا ڪيا وڃن، حڪومت مزدور جو پگھار گھٽ ۾ گھٽ 25000 مقرر ڪيو آھي، جنھن جو نوٽيفيڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آھي. ھتي مزدور کي 5000 پگھار ڏني پيئي وڃي، رھائشي ڪالوني جا ڪوارٽر زبون حال بنيل آھي پر مرمت نه پئي ڪرائي وڃي. رھائشي ڪالوني ۾ غيرقانوني طور ٻاھرين ماڻھن کي الاٽ ڪيا ويا.

ھنن چيو ته انتظاميه اڳ ۾ به ڪيترائي ڀيرا مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪيو ويو آھي پر مسئلا حل نه ڪيا ويا. ھنن چيو ته ملازمن جا جائز مسئلا فوري حل ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ مسئلن جي حل تائين جاري رهندي.