news
پنوعاقل

منھنجي زال موٽائي ڏيو يا مان پاڻ کي باهه ڏئي ساڙيندس، خيرپور واسي نوجوان جون پنوعاقل پھچي ميڊيا آڏو دانھون

پنوعاقل (رپورٽ: قربان ملڪ) پير ڳوٺ جي بااثر جي معرفت پوليس منھنجي گھر واري خورشيد خاتون ۽ سس ممتاز خاتون کي ڳالھين بھاني گھرائي گم ڪرائي ڇڏيو آھي، ھڪ مھيني کان عدالتن، ٿاڻن، دارالامان ۽ ميڊيا ھائوسز تي ڌڪا کائي رھيو آھيان پر منھنجا ٻار نه ٿا ملن کين ماري قتل ڪرڻ جو خدشو آھي.

خيرپور جي ڳوٺ ملنگ خان مڱريو جو رھواسي فوجي اھلڪار معشوق مڱريو ميڊيا آڏو دانھيندي ٻڌايو ته 3 سال اڳ ھن مسمات خورشيد ڪانھر سان پسند جو پرڻو ڪيو ھو، جنھن جي والدہ مسمات ممتاز به راضي ھئي، ٽن سالن بعد منھنجي گھر واري 8 مھنينن سان حمل سان ھئي، ھن ٻڌايو ته ڪانھر برادري جي ڪجھ شر پسندن بشير، لکمير، تاج محمد، فضل فقير ڪانھر ۽ ٻين جي چوڻ تي علائقي جي بااثرن زمان شاهه ۽ حيدر شاهه ڪنگري ۾ پنھنجي رھائشگاهه تي سندس گھرواري ۽ سس کي شادي واري مسئلي بابت ڳالھائڻ لاءِ گھرايو، جٿي بااثر وڏيرن حد جي پوليس گھرائي منھنجي گھرواري ۽ سس کي انھن حوالي ڪيو ته کين ڪورٽ ۾ پيش ڪندا پر اڄ ھڪ مھينو گذرڻ باوجود ٻنھي عورتن کي ڪنھن به ڪورٽ يا دارالامان تي ظاھر ناھي ڪيو ويو.

ھن ٻڌايو ته مسلسل مھيني کان خيرپور ۽ سکر جا دارلامان توڙي عورتن وارا جيل جاچي پيو پر کين ڪٿي به پتو ناھي پيو، ھن خدشو ظاھر ڪيو ته بااثرن ڪانھر برادري جي چرچ تي پاڻ يا پوليس ھٿان سندس زال ۽ سس مارايون آھن.

ھن چيو ته جيڪڏھن کيس پنھنجي گھرواري ۽ سس واہس نه مليون ته ھو ايس ايس پي خيرپور جي آفيس آڏو پاڻ کي باهه ڏئي ساڙيندو.

ھن عدالت کان مطالبو پڻ ڪيو ته حد جي ايس ايڇ او، ڊي ايس پي، ايس ايس پي سميت بااثرن کي طلب ڪري کانئن منھنجي گھرواري ۽ سس بابت جواب طلب ڪيو وڃي.