news
اسلام آباد

وزيراعظم عمران خان ٻن ڏينهن جي دوري تي تاجڪستان روانو ٿي ويو

اسلام آباد: (خميس 16 سيپٽمبر 2021ع) وزيراعظم عمران خان ٻن  ڏينهن جي دوري تي تاجڪستان جي گادي واري شهر دوشنبي روانو ٿي ويو آهي.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، اطلاعات وارو وزير فواد چوڌري، علي زيدي، عبدالرزاق دائود ۽ ڊاڪٽر معيد يوسف به وزيراعظم سان گڏ آهن. تاجسڪتان ۾ وزيراعظم ايس سي او جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو ۽ ايران، قازقستان، بيلاروس ۽ ازبڪستان جي صدرن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو.

وزيراعظم تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان سان ٻطرفي ملاقات لاءِ صدارتي محل جو دورو به ڪندو. عمران خان پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ ڪاروباري شعبي ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل بزنس فورم کي به خطاب ڪندو.