news
ڪراچي

ڪراچي ۾ سامونڊي هوائون بند هجڻ سبب اڄ به موسم گرم رهندو: موسميات کاتو

ڪراچي: (خميس 16 سيپٽمبر 2021ع) ڪراچي ۾ سامونڊي هوائون بند هجڻ سبب اڄ به موسم گرم رهندو. موسميات کاتي موجب  ڪراچي ۾ سامونڊي هوائون نه هلڻ سبب حبس ۽ گرمي رهندي.

شهر جو موجوده گرمي پد 32 ڊگري سينٽي گريڊ آهي جڏهن ته اڄ گرمي پد 38 کان 40 ڊگري سينٽي گريڊ رهندو.

موسميات کاتي چيو آهي ته اڄ ڏينهن جي ٽائيم هلڪي بوندا باندي جا امڪان آهن جڏهن ته هوا 25 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلندي.

واضح رهي ته موسميات کاتي شهر ۾ جاري سخت گرمي جي اڳڪٿي اڄ 16 سيپٽمبر تائين ڪئي هئي.